رحمت الله عباسي

رحمت الله عباسي

رحمت الله عباسي

رحمت الله عباسي (سگھڙ): نامور سگھڙ رحمت الله ولد ڳهڻي خان عباسيءَ جو جنم 1950ع ڌاري ڳوٺ ساجن ڪلهوڙي، تعلقي هالا ۾ ٿيو. پرائمري ۽ قرآن شريف جي تعليم سعيد آباد مان حاصل ڪيائين، ان کان پوءِ سندس والدين ساجن ڪلهوڙي مان لڏي ڳوٺ ديهه ڦتو ٻلال، تعلقي موري ۾ رهائش پذير ٿيا. رحمت الله عباسيءَ کي سگھڙائپ جو فن ورثي ۾ مليو، جو سندس والد نڙ تي بيت چوندو هو ۽ سندس ڏاڏو به بيت جو شاعر هو. سندن اوطاق تي هميشه ڪچهريون پيون ٿينديون هيون ۽ سندس والد وٽ سگھڙ ايندا رهندا هئا. اهڙي ماحول ۾ رحمت الله گھڻو متاثر ٿيو ۽ سندس لاڙو به سگھڙائپ طرف ٿيڻ لڳو. 1970ع ڌاري سندس ملاقات سنڌ جي نامياري سگھڙ محمد ملوڪ عباسيءَ سان ٿي ۽ سندس شاگردي اختيار ڪيائين. ٿوري عرصي بعد سگھڙ محمد ملوڪ عباسيءَ کيس ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۽ پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي سينٽر تي متعارف ڪرايو، ان کانسواءِ ريڊيو ڪوئيٽا ۽ ريڊيو ملتان تي به کيس پاڻ سان گڏ وٺي وڃي فن پيش ڪرڻ جو موقعو ڏياريو. رحمت الله عباسيءَ سنڌ جي ٻين سگھڙن جي صحبت مان به گھڻو پرايو. سندس سگھڙائپ جو فن ڪافي برجستو ۽ سگھارو آهي. سگھڙائپ جي فن جي ڪري کيس ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ گھڻو ڀائيندو هو. هن وقت تائين سڄي سنڌ ۾ ٿيندڙ ثقافتي پروگرامن ۽ سگھڙن جي ڪچهرين ۾ شريڪ ٿيندو رهندو آهي ۽ ڪيترن وڏن پروگرامن ۽ سگھڙ ڪانفرنسن جي صدارت به ڪندو رهيو آهي. کيس پنهنجي فن ۾ مڃتا طور ڪيترائي اوارڊ، سرٽيفڪيٽ ۽ ٻيا انعام پڻ مليا آهن، جن ۾ قلندر لعل شهباز اوارڊ (2007ع)، سچل سرمست اوارڊ (2011ع)، عباسي ڪلهوڙا تنظيم پاران اوارڊ، جلال کٽي اوارڊ ۽ سنڌ سگھڙ ڀلائي تنظيم اوارڊ شامل آهن. ثقافت کاتي پاران 2012ع ۾ سندس لاءِ ماهوار وظيفو مقرر ڪيو آهي. سندس شاعريءَ جو هڪ مجموعو ’رهاڻ رحمت الله جي‘ 2006ع ۾ ڇپجي چڪو آهي. هن وقت ديهه ڦتو ٻلال، تعلقي موري ۾ رهي ٿو.


لفظ رحمت الله عباسيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو